اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ اها انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکند??. ا??وان ص??ر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 مئي تي ٽانڪ ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد عتيق ۽ رجب علي جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ز??غو?? ب??وچ??تان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ظهير احمد جي خاندان سان پڻ رابطو ڪيو ۽ شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر شهيدن جي حب ا??وطني جي جذبي ۽ فرض سان محبت کي پڻ ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي.