اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي بئنڪن کي فراڊ متاثرين کي 5 لک 64 هزار رپين کان وڌيڪ جي رقم واپس ڪرڻ جي هدا??ت ڪري ڇڏي. متاثرين کان فنڊ جي آن لائين منتقلي ۽ اي ٽي ايم فراڊ جي ذريعي رقم ڦري وئي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ٽن ??يص??ن جي خلاف الائيڊ بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ ۽ هڪ شهري جي اپيل اڪلائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب شڪا??ت ڪندڙ محمد سليم ظفر، هدايت الله ۽ غلام محمد جا ترتيبوار لاهور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ، يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ضلعي ڪڙڪ ۽ پشاور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ ۾ جدا جدا اڪائونٽ هئا. سليم ظفر کي الائيڊ بئنڪ جي هيلپ لائين سان ملندڙ جلندڙ هڪ نمبر تان ڪال آئي ۽ ڪال ڪندڙ پنهنجو تعارف بئنڪ جي نمائندي طور ڪرايو. سليم ظفر ڪال ڪندڙن سان پنهنجي بئنڪنگ جي معلومات شيئر ڪئي جنهن کانپوءِ ان جي اڪائونٽ مان ڪل 3 لک 48 هزار 500 رپيا ڪڍيا ويا، اهڙي طرح هدايت الله جا يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ جي ڊيجيٽل ايپ جو استعمال ڪندي ڪنهن نامعلوم ماڻهو هڪ لک 70 هزار 969 رپيا ڪڍي ورتا. جڏهن ته ان نه ته اليڪٽرڪ فنڊز ٽرانسفر (اي ايف ٽي) سهولت جي لاءِ درخواست ڏني هئي ۽ نه ئي ان جو استعمال ڪيو هو. اهڙي طرح غلام محمد جو ڪارڊ اي ٽي ايم مشين ۾ ڦاسي ويو هو ۽ بعد ۾ ان کي خبر پئي ته ڪجهه جعلسازن دوکي ذريعي ان جو ڪارڊ استعمال ڪندي ان جي اڪائونٽ مان غيرمجاز طريقي سان 45 هزار رپين جي رقم ڪڍي ورتي. شڪا??ت ڪندڙن ريليف جي لاءِ بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ڪو نتيجو نه نڪتو. ان کانپوءِ هنن جدا جدا بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن سليم ظفر ۽ هدايت الله جي ڪيسن ۾ انهن جي وڃايل رقم واپس ڪرڻ جڏهن ته غلام محمد جو ڪيس شڪا??ت بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بعد ۾ بئنڪنگ محتسب جي ??يص??ن جي خلاف صدر کي اپيلون ڪيون ويون، جن بئنڪن کي هدا??ت ڪئي ته بئنڪ فراڊ جي ٽنهي متاثرين کي فراڊ ڪيل رقم ادا ڪئي وڃي. صدر سليم ظفر ۽ هدايت الله کي معلومات ۾ پنهنجي ??يص??ن ۾ قرار ڏنو ته لاڳاپيل بئنڪون صارفين جي رضامندي ۽ ڄاڻ کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر جي سهو??ت کولي، ڄاڻ ۽ رضامندي کانسواءِ فنڊز ٽرانسفر سهو??ت کولڻ اسٽيٽ بئنڪ جي قاعدن جي خلاف ورزي آهي. شڪا??ت ڪندڙن اهڙي سهو??ت کولڻ جي ڪا درخواست ناهي ڪئي. صدر پنهنجي ??يص??ي ۾ چيو ته بئنڪ فنڊن جي منظوري جي شرطن کي واضح انداز ۾ ٻڌائڻ بابت ڪو ث??وت پيش نه ٿا ڪري سگهن. بئنڪنگ پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، انهي لاءِ متاثرين کي فراڊ جي رقم واپس ڪئي وڃي. صدر چيو ته غلام محمد جي ڪيس ۾ ثابت ٿيو ته جعلسازن دوکيبازي جي ذريعي صارف جو ڪارڊ حاصل ڪيو، صارفين جي مفادن جو تحفظ بئنڪ جي بنيادي ذميواري آهي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪيس کي بند ڪرڻ جي ??يص??ي کي رد ڪندي اي بي ايل کي هدا??ت ڪئي ته بئنڪ غلام محمد کي ان جي وڃايل 45 هزار رپين جي رقم واپس ڪري.