اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر چيو آهي ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، آفريقي ملڪن ۾ تازو ئي پاڪستان جا 5 سفارتخانا قائم ڪيا ويا آهن. پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي قيام ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامن جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي سلسلي ۾ اهم سنگ ميل آهي. ان کان اڳ مملڪتي وزير حن?? رباني کر ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير مس??انو آريگا وفاقي گادي واري شهر ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ايٿوپيا جي پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير مس??انو آريگا چيو ته ايٿوپيا پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي ??ضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مس??انو آريگا پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال جي لاءِ ??اڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگها ۽ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ۾ سفارتخاني جي افتتاح سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تعاون جي هڪ نئين تاريخ قائم ٿيندي. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا ايٿوپيا جي لاءِ ??خر جوڳا آهن. ان کان اڳ مملڪتي وزير حن?? رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو ۽ سفارتخاني ۾ ايٿوپيا جو جهنڊو ڦڙڪايو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس موجب ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي ??ڌائڻ ۽ اقتصادي، ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.