اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪ يورپي يونين ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ 27 اپريل تي برسلز ۾ منعقد ٿيو. ڊائيلاگ 2019ع جي اسٽري??جڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي وسيع تر مشغوليت جي حصي طور دهشتگردي جي خاتمي جي تع??ون تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻ??هي ڌرين دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي پرزور مذمت ڪئي ۽ پرتشدد انتهاپسندي، آف لائين ۽ آن لائين بنياد پرستي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تع??ون کي وڌائي دهشتگردي جو گڏيل مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گهڻ رخي فورم جهڙوڪ گڏيل قومن ۽ گلوبل ڪائونٽر ٽيررازم فورم ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي تع??ون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊائيلاگ افغانستان جي صورتحال جي وسيع تر سلامتي جي خطرن سميت علائقائي ۽ عالمي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اجلاس دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن ??ان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مدد جا ٺوس طريقا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪيو. لاڳاپيل وفدن جي قيادت يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس ۾ ڪامن سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس پاليسي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بينيڊڪٽا وون سيهر ٿوس ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ دهشتگردي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالحميد ڪئي.