اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان مان پاڪستانين جي محفوظ انخل?? جي عمل جي شروعات ٿي وئي. پرڏيهي آفيس موجب 500 پاڪستانين تي ٻڌل پهريون قافلو خرطوم مان نڪري سوڊان جي بندرگاهه پهچي ويو آهي جيڪو سامونڊي رستي ذريعي جده ويندو. جده مان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۽ پاڪ فضائيه جي معاونت سان پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري جي هدايت تي ڦاٿل پاڪستانين جي عارضي رهائش ۽ خوراڪ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري جي هدايت تي سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ هنگامي رابطي جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير جي هدايت تي پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار ڦاٿل پاڪستانين سان مسلسل رابطي ۾ آهن. بلاول ڀٽو ??رد??ري لاڳاپيل عملدارن کي سوڊان مان پاڪستانين جي انخل?? جي عمل کي فوري طور تي محفوظ طور تي سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو ??رد??ري کي سوڊان ?? ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي بابت پرڏيهي وزارت جي عملدارن پاران روزانو بريفنگ ڏني پئي وڃي. پرڏيهي وزير سوڊان مان پاڪستانين جي انخلا کي ممڪن بڻائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان ۾ سوين پاڪستانين جي انخل?? جي معاملي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري عيد جي ڏينهن ۾ متحرڪ رهيو. بلاول ڀٽو ??رد??ري سوڊان مان پاڪستانين جي حفاظت سان انخل?? جي حوالي سان سعودي عرب ۾ پنهنجي هم منصب سان پڻ رابطي ۾ رهيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سوڊان مان پاڪستانين جي حفاظت سان انخل?? جي حوالي سان مدد تي ترڪيه ۽ مصر جي حڪومتن جا پڻ ٿورا مڃيا.