اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ وڻڪاري کي قومي نصب العين بڻائڻ جي ضرورت آهي، هلندڙ بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻڪاري مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڌي چڙهي ان مهم ۾ حصو وٺن، عالم سڳورا عوام ۾ ان حوالي سان شعور اجاگر ڪن. اه??ن خيالن جو اظهار هن بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو هڻي هلندڙ بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اس??ن سڄي پاڪستان ۾ وڻڪاري مهم 2023ع جي شروعات ڪري رهيا آهيون، هلندڙ سال بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻڪاري مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، ان سڄي منصوبابندي ۾ اس??ن جي موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سندس ٽيم خصوصي دلچسپي ۽ محنت آهي، پاڪستان جي ڪل ايراضي جي ڀيٽ ۾ ٻيلن جي شرح رڳو 5.45 سيڪڙو آهي، اس??ن کي ان کي هنگامي بنيادن تي وڌائڻو پوندو، 2015ع ۾ نيشنل فارسٽ پاليسي جو ڪريڊٽ منهنجي قائد اڳوڻي وزيراعظم م??مد نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ پاڪستان ۾ ٻيلن جي بحالي جي نئين سر شروعات ڪئي وئي ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي ته ٻيلا ماحول کي تبد??ل ڪن ٿا ۽ ڪنهن به معاشري ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جو هڪ اهم ڪردار آهي، صحتمند ماحول ۽ بي شمار منفي اثرن کان بچاءُ ۾ ٻيلا وڏو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ٻيلن جي اهميت کي اڃا به وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، 30 ارب ڊالر جو اس??ن جي معيشت کي نقصان پهتو، پاڪستان ۾ وڻڪاري کي قومي نصب العين بڻائڻ جي فوري ضرورت آهي، اس??ن کي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ قومي سطح تي نه رڳو عملي قدمن جي ضرورت آهي پر تعليمي ادارن ۾ به ان جي آگاهي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي فردن ۽ اجتماعي گذارش آهي ته ان مهم ۾ اهي وڌي چڙهي حصو وٺن، عالم سڳورا به مدرسن ۾ وڻن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان قدم کڻن، نبي ڪريم ﷺ جي زندگي ۽ حديثن مان اس??ن کي وڻن جي اهميت بابت تمام گهڻا مثال ملن ٿا، جنگ جي صورت ۾ به ميويدار وڻن کي وڍڻ منع ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ شهري آباديون ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻجنديون پيون وڃن، اس??ن کي شهرن ۾ به وڻن ۽ گر??ن ايرياز جي انگ ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ برائون ايرياز کي جيترو گهٽ ڪري سگهون ايترو ماحول جي لاءِ تمام سٺو هوندو. ان جي لاءِ قوم کي اپ??ل ڪندس ته اها هن وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ۽ اچو اس??ن سڀ گڏجي پنهنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل سنواريون ۽ پاڪستان جي عوام جي خدمت جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي اس??ن مڪمل ۽ اجتماعي طور تي وقف ڪريون.