اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ڀارت پاران 26 جنوري 2019ع تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي ڪيل فضائي حملن جي خلاف پاڪستان جي ??ناسب جواب جا اڄ چار سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 26 ۽ 27 فيبروري 2019ع جا واقعا ڀارت جي جن??ي جنون ۽ پاڪستان پاران زبردست تحمل ۽ ذميواري کي ظاهر ڪن ٿا، پاڪستان گرفتار ڀارتي پائليٽ ک?? ا??ن جي ??اءِ خيرسگالي جي اظهار طور واپس ڪري ڇڏيو هو. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي ??اپرواهي طرزعمل جي ??تيجن کان آگاهه رهڻ گهرجي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ??ڪمل تحفظ جي ??اءِ تيار آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ان سان گڏوگڏ پرامن گڏيل بقاءَ ۽ پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ پرعزم آهي. بيان ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ج?? دارومدارگڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??رامن حل سان آهي.