آديامان (ترڪيه) – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب آديامان ۾ زلزلي کان متاثر عورتن سان ملاقات ڪئي ۽ زلزلي جي ڪري ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي اف??وس جو اظهار ڪيو. وفا??ي وزير زلزلي کان متاثر عورتن سان گلي پ?? ملي. ان موقعي تي هن پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان حڪومت مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي بحالي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين.