اسلام آباد ?? 09 ??? فيبروري (اي پي پي) عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آئي اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي 15 ک??ن 16 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترج??ان پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران هو پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو ۽ صحت، زراعت، صنع?? ۽ ??جلي جي پيداوار جي شعبن ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو. ترج??ان چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو.