اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري شاعر، ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس ?? ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم امجد اسلام امجد جي گهروارن ۽ ان جي مداحن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پنهنجي عهد ??و نظم جو سڀ کان وڏو شاعر هو. هن انساني جذبن کي پنهنجي تهذي?? ۽ ??وايت موجب زبان ڏئي امر ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ذاتي حوالي سان هو هڪ وڏو انسان هو. علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ هر پاڪستاني جي گهر جو هُو فرد هو، سندس لاڏاڻي جو ڏک پاڪستان جي هر شهري جو ذات?? ڏک آهي. هُن شعر ۽ ادب جي هر صنف ۾ پنهنجي صلاحيتن ۽ فن کي مڃرايو. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻو علم ۽ ادب جي شعبي جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پاڪستان ٽ??لي??يزن کي وارث، فشار ۽ سمندر جهڙا ڊراما ڏنا، ادب لاءِ سندس خدمتن کي مدتن تائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان پاڪستاني ادب هڪ عظيم ليکڪ ۽ ساعر کام محروم ٿي ويو آهي، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ?? اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.