اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ جمعي کان سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو ج?? ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سريلنڪا جي 75 ه??ن آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان ش??ڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ ش??ڪت کانسواءِ هو پنهنجي هم منصب سميت سريلنڪا جي قيادت سان ملاقات ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪ??تا?? ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، جيڪي ٻطرفي تعاون جي سڀني رخن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سارڪ سميت گهڻ رخي فورمز ۾ به گڏجي ڪم ڪيو آهي. مملڪتي وزير حنا رباني کر جو سريلنڪا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ مشڪل وقت ۾ سريلنڪا جي لاءِ پاڪ??تا?? جي حمايت جو پيغام ڏيندو.