اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آه?? ته عبدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ سچو انسان هو، ان جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر اهڙي قسم جي بي رحماڻي ڪارروائي امن امان جي سنگ??ن صورتحال جو مظهر آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته عبدالطيف آفريدي جي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.