اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته گڏيل عرب ??مارات مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين کي ويزائون جاري ڪرڻ تي ڪا پابندي ناهي هنئي ۽ انهن کي بليڪ ??سٽ ناهي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته اسان ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهون ٿا ته گڏيل عرب ??مارات پاران پاڪستاني شهرين کي و??زا جاري ڪرڻ تي اهڙي ڪا پابندي نه آهي. پرڏيهي آفيس جو اهو جواب گڏيل عرب ??مارات پاران مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين کي ويزائون جاري ڪرڻ تي بليڪ ??سٽ يا پابندي جي خبرن تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ آيو آهي. ترجمان گڏيل عرب ??مارات پاران ڪجهه شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين کي و??زا فراهم نه ڪرڻ جي خب??ن جي پڻ سختي سان ترديد ڪئي آهي. گڏيل عرب ??مارات جي قونصليٽ جنرل ڪراچي بخيت عتيق الرميٿي چيو ته گڏيل عرب ??مارات جي حڪومت اهڙي ڪا پابندي ناهي هنئي.