اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب هٿياربند ماڻهن پاران اينڪر پرسن شفا يوسفزئي جي گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ گهريلو ملازمن تي تشدد جي شديد مذمت ڪئي آهي. اينڪر پرسن شفا يوسفزئي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري ره?? آهي، پوليس کي جوابدارن جي جلد گرفتاري جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن شفا يوسفزئي ۽ سندس گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شفاف يوسفزئي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌا??و ته واقعي جي وقت هو گهر ۾ موجود نه هئي، جوابدارن گهريلو ملازمن تي تشدد ڪيو ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏئي هليا ويا. شفاف يوسفزئي ٻڌا??و ته جوابدار گهر جي اندر داخل نه ٿي سگهيا ?? فرار ٿي ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اهڙي طرح جي واقعن جو خاتمو ڪيو ويندو.