اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ عظيم فلسفي، مفڪر ۽ اديب ئي نه پر قاري ۽ قرآن جو مفسر پڻ هو. اقبال ڏهاڙي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اقبال جو ڪلام ذهني ۽ قلبي انقلاب جو ??ريعو هو ۽ اڄ به وقت ۽ سرحد جي قي?? مان نڪري ??ور?? دنيا تائين پهچي رهيو آهي. اقبال جي فڪر تي هلي پيام اقبال ??ور?? ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي اڄ اقبال جي فڪر ۽ فرمانن مان رهنمائي وٺڻ جي ضرورت آهي. انهي لاءِ نومبر مهيني جي هر ڏ??نه?? کي اسان فڪر اقبال جي فروغ جو ??ريعو بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل قومي ڪميٽي اهو فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. هڪ نوجوان جو ??رز عمل ڇا هجڻ گهرجي، اهو اسان کي حضرت اقبال کان سکڻو آهي.