اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مق??م چيو آهي ته 80 لک ڪشميرين تي قابض ڀارتي فوج والاريل ??لا??قي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي تسلط خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال پهرين انهي ڏينهن ظالم ڀارتي سيڪيورٽي فورسز غي??قانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ لٿي. انجنيئر امير مق??م چيو ته ڪشميري پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي بڻجي ويا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت جو غي?? انساني فوجي گهيراءَ ۽ وحشياڻو ڏاڍ ۽ ڪشميرين ??ي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪري والاريل ??لا??قي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انجنيئر امير مقام عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڪشميرين ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت طاقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي عزم کي ٽوڙي نٿو سگهي. هن آزادي واري جدوجهد جي شهيدن ??ي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو.