اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت کي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ ج?? لاءِ نئين سوچ، جرئتمنداڻي ويزن جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته آئُون سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي روانو ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته عالمي معيشت جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته معيشت کي درپ??ش مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ ج?? لاءِ نئين س??چ ۽ جرئتمنداڻو ويزن اختيار ڪيو وڃي. وز??راعظم چيو ته معيشتن کي نقصان پهچندڙ عالمي ٻاڙائي سان معيشت کي خطرن بابت شديد خدشا آهن. وبا ۽ آبهوا سان پيدا ٿيندڙ آفتن اڳ ۾ ئي اسرندڙ ??لڪن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. وقت اچي ويو آهي ته دنيا بامقصد ڳالهين جي ذريعي وڌندڙ چئلينجن جو حل ڳولي.