اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??نهنجي ٻاهرئين مُلڪن جي قرضن کي ري شيڊيول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي پر ان کي ٻوڏ کان ??تاثر علائقن ۾ رستن، پلين ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جهڙن وڏن منصوبن جي لاءِ وڏي رقم گهربل آهي، سائنسدانن ٻوڏ کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جو نتيجو قرار ڏنو آهي، اسان رڳو موسمياتي انصاف گهري رهيا آهيون، تلافي جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري رهيا آهيون. لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ??فن??نشل ٽا??يمز“ کي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي قدمن بشمول ري شيڊيولنگ يا موريٽوريم جي لاءِ نه چئي رهيا آهيون پر اضافي فنڊز گهري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جا مطالبا ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي ملي رهيو آهي ان جي وچ ۾ وڏو فرق آهي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وسيع ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان ??اضح طور تي فڪرمند آهيون ڇو ته جيڪڏهن عدم اطمينان گهري سياسي عدم استحڪام جو سب?? بڻجي ٿو ۽ اسان ??نهنجي بنيادي گهرجن ۽ هدفن کي پورو ??ه ٿا ڪري سگهون ته اهو ظاهر آهي ته ڳنڀير مسئلن جو سب?? بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته آئون اهو ڪنهن به قسم جي خطري جي لحاظ کان ??ه چئي رهيو آهيان ??ر ان جو حقيقي امڪان ??وجود آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان رڳو موسمياتي انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، اسان ”معاوضي“ جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جتان به ٿي سگهيو اضافي فنڊز حاصل ڪندو، اسان ??وسمياتي تبديلي سان ??يندڙ تباهي جو شڪار آهي ۽ ان جي خلاف جنگ ۾ آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به ٿي سگهي ٿو ۽ اسان ??ه ٿا چاهيون ائين ٿئي. 32