ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين برسات ۽ ٻوڏ ??تا??رن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيش پروگرام ذريعي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 25 هزار في خاندان جي مالي امداد ڪري ر??يو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ هاڻي تائين 789631 ٻوڏ سٽيل خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ۽ مجموعي طور تي 19.74 ارب رپين جي مالي امداد ورهائي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ صوبي ۾ هاڻي تائين 464989 ٻوڏ ??تا??ر ڪٽنبن ۾ 11 ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ مالي امداد ورهائي وئي آهي جڏهن ته ٻوڏ ??تا??رن جي مالي امداد لاءِ سنڌ صوبي جي 100 تعلقن ۾ 221 ڪيمپ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن. جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير شازيه مري جي هدايتن تي نادرا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ٻوڏ ??تا??ر ضلعن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري جو شرط به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ انهن ??تا??ر علائقن ۾ به ٻوڏ ??تا??ر جي مالي معاونت ڪئي پئي وڃي.