اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي جي سينيئر ر??ورٽر نمود مسلم جي والد ۽ اطلاعات واري وزارت جي اڳوڻي سينيئر آفيسر اديب، شاعر ۽ ليکڪ سيد قائم نقوي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ?? هن چيو ته سيد قائم نقوي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحو?? کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ نمود مسلم سميت پونئيرن کي صب?? جميل عطا فرمائي.