اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوان ??اڪ??تاني جبل چاڙهوئن جي ڪاميابين کي ميڊيا جي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جو مثبت تاثر قدم ڪرڻ لاءِ نوجوانن ??اڪ??تاني جبل چاڙهو جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، نوجوان جبل چاڙهو پنه??جو اميج بهتر بڻائڻ ۽ مشهور ڪمپنين جي اسپانسرشپ متوجهه ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪن، اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??اڪ??تاني جبل چاڙهو شهروزڪاشف، سرباز خان ۽ عبدالجوشي جي ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس اي??ان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل ??اڪ??تان اسپورٽس بورڊ، الپائن ڪلب آف ??اڪ??تان (اي سي پي) جي صدر ۽ سيڪريٽري اي سي پي شرڪت ڪئي. صدر ??اڪ??تان جي جبل چاڙهوئن جي جبل چاڙهي جي انتهائي چئلينجنگ ۽ مهم جوئي جي ر??ند ۾ شاندار ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي ڪردار کي ساراهيو، هن بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ ??اڪ??تان اسپورٽس بورڊ کي چيو ته هو نوجوانن جبل چاڙهوئن لاءِ هڪ م??هر، تجربه ڪار برانڊ مينيجر مقرر ڪيو وڃي، جبل چاڙهوئن کي قومي ۽ عالمي ڪمپنين جي اسپانسرشپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نوجوانن ڪوه پئما پرائم منسٽر جي ڊجيٽل اسڪل پروگرام مان فائدو کڻن، بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ ??اڪ??تان اسپورٽس بورڊ نوجوان جبل چاڙهوئن کي ضروري مدد فراهم ڪن.