اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي، پولان گوادر منصوبي جي ذريعي ايران سان اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، عالم?? برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ پنهنجي امنگن موجب خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا، افغان عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ايران جي سفير سيد ??لي محمد حسيني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? بلوچستان ۾ ٻيلن جي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايران جي وقت سر مدد تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهو اسان جي ٻنهي ملڪن ۽ عوا?? جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي، وزير??عظ?? ايراني قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل جاگرافي، گڏيل ورثي ۽ عوام کان عوا?? جي رابطي تي ٻڌل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته اسان جا تاريخي لاڳاپن جي پيش نظر هن سال سفارتي لاڳاپن جي قيا?? جي 75 هين سالگرهه ٻنهي ملڪن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ گهرجي، وزير??عظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ موجود وسيع گنجائش جي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولي فائدو کڻڻ گهرجي، هن پولان گوادر منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي به زور ڏنو جنهن جي ذريعي ايران کان پاڪستان کي اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، وزير??عظ?? شهباز شريف ڪشمير مسئلي تي ايران ۽ خاص طور تي سپريم ليڊر طرفان ڪشمير مسئلي تي مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو ۽ اميد ??اهر ڪئي ته عالم?? برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ان جي پنهنجي خواهشن موجب پنهنجو خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا. افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي صورتحال جي خرابي جو ذڪر ڪندي وزير??عظ?? چيو ته افغانستان جي عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان جي صورتحال تي بنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ساراهيو، ايران جي سفير سيد ??لي محمد حسيني وزير??عظ?? شهباز شريف جي منصب سنڀالڻ تي ايراني قيادت پاران مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي مشاورت کي به اجاگر ڪيو، اعلي?? سطحي دورن جي اهميت تي زور ڏيندي وزير??عظ?? شهباز شريف ايراني قيادت کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.