ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد ع??ي جناح جي مزار جي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، اربع ڏينهن وز??راعظم جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد تي سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد ع??ي شاهه سندس آجيان ڪئي ۽ وز??راعظم سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ وز??راعظم، سنڌ جي وڏي وز??ر ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ مزار قائد پهتو، هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وز??ر سيد مراد ع??ي شاهه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ مولانا اسعد محمود، اڳوڻو وز??راعظم شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، اڪرم دراني ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.