ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪراچي اچڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان ڪراچي ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو، وزيراعظم سان گڏ ش??هد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ مريم اونگزيب هئا، وزيراعليٰ هائوس ۾ جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪندڙ صوبائي وزيرن ۾ م??ظور وساڻ، ناصر شاهه، شبير بجاراڻي، مڪيش چ??ول??، گيانچند ايسراڻي، ضياءُ شاهه، فياض ٻٽ، اويس قادر شاهه، شهلا رضا، اسماعيل را??و، ڄام خان شورو، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا شامل هئا، ان ??وق??ي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه ۽ کينئل داس به وزيراعظم جي استقبال لاءِ موجود هئا