اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بي اعتماد?? رٿ جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي، عدليه ان معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ت?? پرڏيهي وزارت جا عملدار ۽ سفارتڪار ايماندار ۽ سلجهيل آهن، هن چيو ته مخالف ڌر چئي رهي آهي ته بي اعتماد?? رٿ جي معاملي تي آئين شڪني ٿي وئي، اسان کي آئين جو احترام آهي، بي اعتماد?? رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي، ڊپٽي اسپيڪر بي اعتماد?? رٿ کان انڪار ناهي ڪيو، هن حقيقتن جي بنياد تي رولنگ ڏني، اهو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هن چيو ته ٻي ملڪ مان موڪليل خط اصلي آهي، ابهام پيدا نه ڪيو وڃ??، مخالف ڌر پارليماني سلامتي ڪيمٽي ۾ اسپيڪر جي دعوت جي باجود ڇو نه آئي، هن چيو ته ٽڪيٽن جا واعدا ۽ ضمير فروشي جي ڇا آئين ا??ازت ڏي ٿو. هن چيو ته بي اعتماد?? رٿ جون ڪڙيون ڪٿي ته ملن ٿيون، ان جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ جن ماڻهن سان غير ملڪي سفارتڪار ملندا رهيا آهن انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ان معاملي جي جاچ لاءِ عدليه جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي، هن چيو ته ان معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جو موقف واضح آهي.