اسلام آ??اد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ خوشي جو ڏينهن آهي، وزيراعظم عمران خان پنهنجو واعدو وفا ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي هر خاندان کي ساليانو 10 لک تائين مفت ع??اج لاءِ هيلٿ ڪار??ز ملي ويا آهن. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آ??اد ۽ ٿرپارڪر کانپوءِ پنجاب کي به صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي هر خاندان يعني 100 سيڪڙو آبادي کي ساليانو 10 لک تائين مفت ع??اج لاءِ هيلٿ ڪارڊ ملي ويو آهي.