بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جو امن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جو فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪ??مي??بي لاءِ اسان جي سڀني ڪوششن جي ڪ??مي??بي افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ ٽه ڌرئي ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون سڀ کان پهرين اڄ جي هن ٽه ڌرئي گڏجاڻي جو اهتمام ڪرڻ تي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، اسان جي اها گڏجاڻي ڪيترن ئي ??ببن جي ڪري اهم آهي. هن چيو ته اهو پاڪستان ۽ چين کي افغان عملدارن سان پنهن??ي موقف جو حصيدار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي، اهو افغان ڌر کي ٻڌئڻ جو به موقعو ڏي ٿي، اهو اجلاس پاڪستان ۽ چين ٻنهي کي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس لاءِ رابطاڪاري ۾ مدد ڏيندو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي لاءِ هڪ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي حوالي ??ان اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي جي ريمارڪس جو ورجاءُ ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي واپسي جو پاڪستان کان وڌيڪ ڪو ملڪ خواهشمند نه آهي، خطي جو امن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جي فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪ??مي??بي لاءِ اسان جون سڀئي ڪوششون جيڪڏهن افغانستان ۾ استحڪام نٿيون آڻي سگهن ته ان کي ڪ??مي??بي نٿو چئي ??گهجي. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻطرفي ۽ اهم علائقائي ملڪن جي حمايت سان پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي، افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غير معمولي ??جلاس افعانستان جي حمايت ۾ عالمي برادري کي جمع ڪرڻ جو هڪ ڪ??مي??ب موقعو هو. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو ڪالهه ٿيڻ وارو اجلاس افعانستان تي هڪجهڙي علائقائي موقف لاءِ انتهائي ??هم آهي، اسان عالمي برادري خاص طور پاڙيسرين پاران افغانستان کي ڏيڻ واري حمايت کي ساراهيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته اسان کي افغان عملدارن ۽ عالمي برادري ٻنهي سان تمام گهڻو ڪجهه گهربل آهي، عالمي برادري رابطن جي اڳين مرحلي ۾ افغان عملدارن طرف ڏسي رهي آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي اڃان تائين ختم ناهي ٿي، دهشتگردي جو خطرو هاڻي پهرين کان به وڌيڪ آهي، پرڏيهي وزير چيو ته انهن حالتن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن بابت افغان عملدارن جي تازي فيصلي ??ي عالمي برادري جي ڳڻتي فضول نه آهي، اسان ??مي?? ڪريون ٿا ته افغان عملدار پنهنجي پهرين ڪيل اعلانن تي عملدرآمد ڪندا ۽ عالمي برادري سان گڏ رابطن کي مضبوط ڪندا. آئون افغان وفد کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حمايت ۾ آواز بلند ڪندو رهندو. پاڪستان، عالمي برادري تي به زور ڏيندو رهندو ته هو ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي لاءِ اضافي طريقن تي به غور ڪن، چين سان گڏجي اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، اسان کي ??مي?? آهي ته افغان عملدار هڪ پرامن دوست آهن ۽ مستحڪم افغانستان جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهندا.