ل??هو?? – 11 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عدم اعتماد جي رٿ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، اسان کي ان مان ڪو به خطرو نه آهي، اتحادي گڏ آهن، پهرين معيشت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، اليڪشن ۾ اڃان وقت آهي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال ر??ڻو پوندو. ل??هو?? جي نجي اداري ۾ استادن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته ضرور آڻي. گذريل ڏينهن پرويز الاهي س??ن ملاقات ٿي آهي، گهرن ۾ به گلا شڪوه ٿيندا رهندا آهن، ن ليگ پاڻ سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن جا نالا سامهون آڻي. هن چيو ته هن وقت محاذ آرائي جو ماحول نه بڻجڻ گهرجي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال ر??ڻو پوندو. ان کان اڳ ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر يونيورسٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي (يو ايم ٽي) جو دورو ڪيو ۽ صدر يو ايم ٽي ابراهيم حسن مراد سان ملاقات ڪئي. ابراهيم مراد يو ايم ٽي جو تعارف ڪرائيندي اسپيڪر کان پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي سڌارن جي باري ۾ به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسپيڪر اسد قيصر يو ايم ٽي تعليمي ڪوششن کي س??راهيو ۽ ابراهيم مراد کان يو ايم ٽي س??ن تعليمي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ريڪٽر يو ايم ٽي ڊاڪٽر آصف رضا يو ايم ٽي ۾ اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين پارلياماني ميمبرن کي ڀليڪار چئي ۽ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يو ايم ٽي ۾ اچڻ هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي.