اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وڏن شهرن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ڇو ته وڏا شهر ق??مي معيشت جي ترقي جو حقيقي محرڪ آهن، لاڳاپيل عملدار وڏن شهرن جي تر??يا??ي اسڪيمن جي رستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪن. هو وڏن شهرن جي منصوبابندي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن کان شهري علائقن ۾ آبادڪاري جي ڪري وڏن شهرن کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن انهن ۾ هائوسنگ، ملازمتن جا موقعا ۽ شهري ضرورتن کي کوٽ ٿي رهي آهي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته وڏن شهرن جي لاءِ خصوصي تر??يا??ي پيڪيج تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وڏن شهرن جي رهواسين کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ لاءِ مختلف تر??يا??ي اسڪيمن جي تڪميل جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائين. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا جهڙن وڏن شهرن جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ گڏيل رابطا رکن ۽ جامع مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، صنعت واري وز??ر مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر اسد عمر شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، تعليم واري وفاقي وز??ر شفقت محمود، پنجاب جي وڏي وز??ر عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.