اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل سمورن معاملن تي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي مستقل نگراني ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخ??وم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقا?? ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي علائقائي تنظيمي ڍانچي ۽ ڏکڻ پنجاب ??ي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڏکڻ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ جي هداي?? ڪئي. هن علائقي جي ماڻهن کي سهولتن جي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي به هداي?? ڪئي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ذاتي طور تي ڏکڻ پنجاب بابت معاملن تي اڳڀرائي جي مستقل بينادن تي نگراني ڪندو.