اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي انساني همدردي، ثقافت ۽ خانداني معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل طارق علي بخيت او آءِ سي پاران مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان عوام جي ڀرپور مدد جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ??ان??رنس افغانستان ۾ انساني بحران مان سرخرو ٿيڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار رکندڙ هوندي، ان ڏس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس ۾ تمام اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم پاران افغانستان جي موجوده صو??تحال تي سعودي عرب جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ??ان??رنس گهرائڻ جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا، هن پاڪستان پاران ان ??ان??رنس جي ميزباني ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو، هن اميد ظاهر ڪئي ته اها ??ان??رنس پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ان ??ان??رنس جا ڪيترائي مقصد آهن ته ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستان جي موجوده صو??تحال ۽ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستان ۾ انساني همدردي امداد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي سگهي ٿي، اهو ??ان??رنس جو بنيادي مقصد آهي ۽ هي ??ان??رنس ان ڏس ۾ اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪندي، هن چيو ته ان ??ان??رنس ۾ ان انساني بحران جي حل لاءِ جامع ۽ ٺوس قدمن تي به غور ڪيو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي ان کان اڳ ماضي ۾ به وزارتي ۽ سربراهي سطح تي افغانستان جي صو??تحال جي حوالي سان ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي افغانستان ۾ انساني صو??تحال جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ هي ??ان??رنس طلب ڪئي وئي آهي، ان ??ان??رنس ۾ ميمبرن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته او آءِ سي افغانستان جي ان نازڪ صو??تحال جي حوالي سان گهڻي سنجيده ۽ پرعزم آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها ??ان??رنس افغان عوام جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ او آءِ سي ان ڏس ۾ سمورن ادارن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي.