اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي لائيف انشورنس ??ال??سي رکندڙ مرحومن جي پونئيرن کي 1.6 ملين رپين کان وڌيڪ جي ادائيگين جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيل چار جدا جدا پٽيشنز کي رد ڪندي حڪم ڏنو آهي ته انشورنس لائيف ??ال??سي رکندڙ مرحومن جي گهرڀاتين کي مجموعي طور تي 1.6 ملين رپين جي ادائيگي ڪئي وڃي. ڪارپوريشن لائيف انشورنس ??ال??سي جي مد ۾ ادائيگين کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته انشورنس رکندڙ شخص ??ال??سي وٺڻ وقت پنهنجي بيماري ڄاڻي واڻي لڪائي نه ٿو سگهي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکندي اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي حڪم ڏنو آهي ته اها معاهدي جي ذميوارين کي ضرور پورو ڪري ۽ ??ال??سي موجب ادائيگي ڪرڻ سان گڏوگڏ وفاقي محتسب کي ان حوالي سان 30 ڏينهن اندر رپورٽ پڻ جمع ڪرائي. تفصيل موجب شڪيل ظفر خان، محمد نواز، ??لام ياسين ۽ تنوير حسين اسٽي?? لائيف جي لائيف انشورنس ??ال??سيز ترتيبوار 7 لک، 5 لک، 2 لک 10 هزار ۽ 2 لک رپين ۾ حاصل ڪيون هيون. بعد ۾ ??ال??سي هولڊرز لاڏاڻو ڪري ويا ۽ انهن جي گهرڀاتين جدا جدا انشورنس ڪليم جمع ڪرايا ته اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان مرحوم ??ال??سي هولڊرز پاران ??ال??سي وٺڻ وقت بيماري کي لڪائڻ جي بنياد تي ڪليمز رد ڪري ڇڏيا هئا جنهن تي ??ال??سي هولڊرز جي گهرڀاتين انصاف جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. شڪايت ڪندڙن چيو ته مرحوم ماڻهن کي انشورنس جي ??ال??سي وٺڻ وقت ڪا بيماري نه هئي ۽ انشورنس ڪليمز کي غيرمنصفاڻي طريقي سان رد ڪيو ويو آهي. ان تي وفاقي محتسب ڪيسز جي جاچ ڪئي ۽ چيو ته ??ال??سي وٺڻ کان اڳ ??ال??سي هولڊرز جو ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ يا ڪنهن بيماري کي لڪائڻ ۽ انشورنس ڪمپني کان حقيقتون لڪائڻ جا ڪي ثبوت فراهم ڪرڻ اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي ذميواري آهي. وفاقي محتسب وڌيڪ چيو ته انشورنس مختلف ڪيسز ۾ اسٽي?? لائيف ڪارپوريشن پنهنجي دعويٰ جي ثبوت ۾ ڪي شاهديون يا طبي سرٽيفڪيٽ فراهم نه ڪري سگهي. وڌيڪ چيو ويو ته حقيقت ۾ اسٽي?? لائيف جي چئني فيلڊ آفيسرن واضح طور تي لکيو ته مرحوم ??ال??سي وٺڻ وقت صحتمند هئا. وڌيڪ اهو ته وفاقي محتسب اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي حڪم ڏنو ته اها معاهدي جون پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي شڪايت ڪندڙن کي پورا ??ال??سي ڪليمز ادا ڪري. ان کانسواءِ وفاقي محتسب اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي اها به هدايت ڪئي ته اها ميڊيڪل ۽ نان ميڊيڪل ??ال??سيز جاري ڪرڻ جي پنهنجي طريقيڪار جو پڻ جائزو وٺي ته جيئن سٺي صحت يا بيماري وغيره جي حوالي سان شڪ کي ??ال??سي جي پرپوزل جي موقعي تي ئي جانچي سگهجي. بعد ۾ اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي جي سامهون جدا جدا پٽيشنز پيش ڪيون. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي کي انشورنس آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 80 تحت بحال رکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ??ال??سي ۾ پيش ڪيل شاهديون يا ميڊيڪل آفيسرز جي رپورٽ کي ٻن سالن کانپوءِ غلط يا نامڪمل نه سمجهيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران پيش ڪيل دستاويز مرحومن جي انشورنس حاصل ڪرڻ کانپوءِ جي بيماري بابت آهن ۽ اهڙي طرح جا ڪي دستاويز فراهم نه ڪيا ويا جنهن مان ثابت ٿئي ته ??ال??سي حاصل ڪرڻ وقت هو ڪنهن بيماري جو شڪار هئا. صدر لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ عدالت ذهني دٻاءُ، شگر جي مختلف قسمن جي بنياد تي انشورنس ڪليمز کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. عدالت پنهنجي آرڊر ۾ چيو ته عوام جي اڪثريت اهڙي قسم جي بيمارين ۾ مبتلا آهي جڏهن ته ٻيا ماڻهو به انتهائي محتاط رويو اختيار ڪن ٿا ته جيئن بيمارين کان بچي سگهجي. هاءِ ڪورٽ چيو هو ته اهڙي قسم جي ڪنهن بيماري کي لڪائڻ فراڊ قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ڪيسز جي حقيقتن جي روشني ۾ اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي پيش ڪيل پٽيشنز رد ڪيون وڃن ٿيون ۽ حڪم ڏنو ته اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان 30 ڏينهن جي اندر وفاقي محتسب جي فيصلي تي عملدرآمد ڪري رپورٽ جمع ڪرائي.