ا??لا?? آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي متحده عرب امارات جي 50 هين سالگرهه تي ان جي قيادت ۽ عوام کي پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته متحده عرب امارات جي سياسي قيادت اتحاد، ترقي ۽ خوشح??لي جون مث??لي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان يو اي اي جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي معاشي خوشح??لي ۽ امن جو فروغ اسان جو گڏيل ??يزن آهي. پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا ڊگهي مدي واري تعاون تي ٻڌل آهن. ڀائيچاري ۽ اعتماد جو رشتو گڏيل ??ذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري وڌيڪ مستحق ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي مث??لي تعاون پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ اعتماد ۽ احترام کي ظاهر ڪري ٿو. اسان کي انهن لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پو??دو، محمد صادق سنجراڻي چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري چرپر جي ذريعي ٻنهي طرفن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي دوستي وقت جي هر امتحان تي پوري لٿي، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي لاءِ نئين ڪاميابين ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان – متحده عرب امارات دوستي زنده باد.