اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري جي موقعي تي تاجڪستان جي ??در امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ايوان ??در پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مضبوط معاشي حصيداري جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي بندرگاهن جي ذريعي تاجڪستان جي لاءِ علائقائي انضمام ۽ رابطن تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان کي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي ڪري درپيش چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻوله?? ڪئي. ??در ڊاڪٽر عارف علي چيو ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن تاجڪستان جي ??در کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. ??در چيو ته افغان معيشت کي بچائڻ جي لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در چيو ته سمورن افغانين جي حقن جو احترام ۽ افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ضروري آهي. هن چ??و ته افغانستان ۾ امن، مفاهمت ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان ۽ تاجڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي ۾ واپار ۽ معاشي موقعا فراهم ڪندو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان??ن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.