اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي مح??سب جي فيصلي جي خلاف لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) جي درخواست رد ڪندي بيو??هه کي پينشن جي ادائيگي جو حڪم برقرار رکندي ليسڪو کي هدايت ڪئي آهي ته ??فاقي مح??سب جي فيصلي موجب بيو??هه کي ان جي جائز پينشن جو پورو حصو ادا ڪيو وڃي. صدر حڪومتي پاليسي موجب الائونسز سان بيو??هه کي پينشن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته باقي پينشن تي حڪومتي پاليسي موجب ور جي رٽائرمينٽ جي تا??يخ کان اضافو به ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب شڪايت ڪندڙ مختيار بيگم جي مرحوم ور جيڪو ليسڪو ۾ ملازم هو اپريل 2005ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ ڊسمبر 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪايت ڪندڙ جي مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن باقاعدگي سان ڏني وئي پر گهٽ شرح تي ڏنيو ئي، شڪايت ڪندڙ چيو ته ??و 21928 روپيا ماهور پينشن حاصل ڪري رهي آهي جڏهن ته حڪومت پاران وقت به وقت ڪيل سمورين انڪريمينٽس کي شامل ڪندي ان کي 15 سالن کانپوءِ تقريبن ٻيڻو ٿيڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ وفاقي مح??سب سان رجوع ڪيو، وفاقي مح??سب 09-03-2021 جي پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته اها ناانصافي آهي واپڊا پينشن ڊائريڪٽوريٽ حڪومتي پاليسي تي پوري طرح عمل ناهي ڪيو ۽ بيو??هه کي بحالي تي وڌايل گذريل اضافو ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته ڊائريڪٽر (پينشن) واپڊا پاڻ سمورن ڊسڪوز?? جينڪوز اين ٽي ڊي سي کي SOP-2002 جي تحت پينشن جي بحال ٿيل حصي تي سمورن پينشنرز کي گزريل تا??يخن کان اضافي جي اجازت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، وڌيڪ اهو ته ??توفي پينشرز جي بيواهن کي ان سهولت سان خاص طور تي روڪيو نه ويو، ان لاءِ ليسڪو پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، وفاقي مح??سب پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان جي پاليسي موجب رٽائرڊ/فوت ٿيندڙ ملازمن کي رٽائرمينٽ جي تا??يخ کان پينشن جي بحال ٿيل حصي ۾ اضافي جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ ڪموٽڊ حصي تي بحالي جي اجازت ڏني آهي. صدر مملڪت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ??وجوده قانونن موجب دير سان اپيل داخل ڪرڻ جي پهلو کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، قانون موجب وفاقي مح??سب جي فيصلي جي خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪرڻي هوندي آهي، مح??سب جي فيصلي جي خلاف دير سان اپيل داخل ڪرڻ تي ليسڪو جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.