اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪست??ن جاپان سان پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تعاون کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو ڇو ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، پاڪستان ڪاروبار جا زبردست موقعا پيش ڪيا آهن ۽ جاپاني ڪمپنيون معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، آٽوموبائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، ايس ايم ايز ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڪاروباري دوستاڻي ماحول مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپ??ن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪونينوري مستودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ جاپ??ن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌ??ڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن مهارت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ ت??اون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن جاپان حڪومت جي جي ڊي ايس اسڪالرشپ پروگرام ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت پاڪست??ن جي 20 شاگردن کي جاپاني يونيورسٽين ۾ گريجوئيٽ ڪورسز ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. صدر آڪٽوبر 2019ع ۾ پنهنجي جاپ??ن جي دور جو حوالوڏيندي چيو ته هن جاپ??ن جي قيادت سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن جاپ??ن جي عالمي تعاون ايجنسي (JICA) ۽ جاپاني ڪمپنين جي ڪردار کي به ساراهيو جنهن پاڪستان ۾ ت??قي ۾ ڪردار ادا ڪيو، جاپاني سفير صدر کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ماهيگيري ۽ زرعي مصنوعات جو وڏو روانگي واپار ڪندڙن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ چانور، کجور، تر، انب، گوار، سيانتا ۽ لُوڻ شامل آهن، هن ٻڌايو ته ٽوياٽا آٽوموبايل ڪمپني پاڪستان ۾ جديد ترين هائبرڊ ڪارن جي تياري لاءِ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، ان کانسواءِ آٽوپارٽس بڻائڻ جي لاءِ ڪمپنين جي مدد ڪندي، هن وڌ??ڪ چيو ته جاپان اوساڪا 2025ع ايڪسپو منعقد ڪندي ۽ ايڪسپو ۾ پاڪست??ن جي شرڪت جي درخواست ڪئي آهي، هن چيو ته سال 2022ع پاڪستان ۽ جاپ??ن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائيندي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ مناسب طريقي سان سالگرهه ملهائيندا، صدر سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ جاپان لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.