اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪينسر بابت آگاهي ۽ جلد سڃاڻپ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه انهن قدمن سان مر?? جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان ۾ ڪينسر جي مر?? ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج جون مناسب سهولتون ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪينسر جي ڪيسن خاص طور تي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ ??ري??نگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪينسر ڪيئر اسپتال اينڊ ريسرچ سينيٽر لاهور جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر شهريار، پروفيسر ڊاڪٽر اريشه زمان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نبيله شامي به موجود هيون. پروفيسر ڊاڪٽر شهريار ??ري??نگ يندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 3 لک 53 هزار ماڻهو ڪينسر جي مر?? ۾ مبتلا هوندا آهن جنهن مان صرف 71 هزار مريضن جي علاج ميسر آهي جڏهن ته ٻين کي علاج جون ناڪافي سهولتن جي ڪري ان کان محروم رهندا آهن، هن ڪينسر ڪيسر اسپتال اينڊ ريسرچ لاهور جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ??ه ان جو ادارو مريضن جي بنا معاوضي علاج جون سهولتون فراهم ڪندو آهي، صدر ڪينسر ڪيئر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر لاهور پاران ڪينسر جي مريضن جي بنا معاوضي علاج جي سهولتن کي ساراهيو.