اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين نوجوان پائليٽ آفيسر شهيد راشد منهاس جي شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد راشد منهاس جواني ۾ ئي ملڪ تي جان نڇاور ڪري پنهنجي رت سان عزم ۽ همت ۽ وفا جي روشن تاريخ رقم ڪئي. پنهنجي بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته قوم ملڪ جي خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪند?? شهيدن کي سدائين ي??د رکندي.