اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته ڪشمير کانپوءِ سيالڪوٽ به (ن) ليگ جي بياني کي دفنائي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ عمران خان سان ??حبت ڪندڙن مريم صفدر سميت سڄي مافيا جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. ورڪرن جي جوش ۽ ولولي کي خصوصي سلام پيش ڪريون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته 165 مان 112 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پي ٽي آءِ واضح اڪثريت سان اليڪشن کٽي رهي آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي مح??ت واکاڻ جوڳي آهي.