اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني ڀارتي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ذريعي ان علائقي ۾ ??سل??ان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ارادن جي خلاف پاڪستان عالمي سطح تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي. ان ??هم ذريعي عالمي برادري ۽ عالمي ادارن کي ڀارت جي غيرجمهوري ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ڪڌن قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني ارادن کي جانچيندي والاريل ڪشمير جي صورتحال کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ??ڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ گڏيل قومن تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ڪندو جنهن سان ??الاريل ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ خطي ۾ امن امان جي درپيش خطرن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ??اران عالمي سطح تي سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان ??ڌيڪ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذريعي والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي وزير سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ انهن کي ڀارتي ارادن کان آگاهه ڪيو.