اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان اسپتالن ??ي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته مستقبل ۾ به صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورن ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن ??و اظهار هن ڪوئيٽ?? ۾ ??اطمه جناح چيسٽ اينڊ جنرل اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ڪوئيٽا جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪي??. ل??فٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان ڪورونا جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز، طبي عملو ۽ لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار ڪورون?? ۾ ??رنٽ لائين سولجر جو ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪري رهيا آهن جن تي اسان سڀني کي فخر آهي.