اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت سيڙپ??ار دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي، غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙڪاري جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن مصر جي ناليواري ڪاروباري شخصيت نجيب ساويرس جي قيادت هيٺ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نجيب ساويرس ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀلي??ار چوندي چيو ته پاڪستان سيڙپ??ار دوست پاليسيز تي عمل ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ٻا??رئ??ن سيڙپڪارن کي سموريون فراهم ڪندي. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن سان ٻاهريون سيڙپ??ار ڪمپنيون فائدو کڻي سگهن ٿيون. نجيب ساويرس چيو ته انهن جو بزنس گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ ڪامياب سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. هن پاڪستان ۾ وڌيڪ شعبن ۾ خاص طور تي کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو ا??ها?? ڪيو.