اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڻي ۽ توانائي جي تحفظ جي لاءِ روين ۾ تبديلي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان جي نتيجي ۾ پ??ڪس??ان پنهنجي م??لي ۽ اقتصادي مشڪلاتن کي گهٽ ڪري سگهي ٿو، شام جي وقت ۾ ڪاروبار جلد بند ڪري اسان ٽي کان چار هزار ميگاواٽ توانائي جي بچت ڪري سگهون ٿا جڏهن ته ننڍا ۽ وڏا پاڻي ذخيرا ٺاهي برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي بچائي ان کي زراعت ۽ ٻين مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آئي) جي 25 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. صد?? چيو ته اسان جي روين جو هدف فضلي ۾ گهٽتائي ۽ اسان جي غيرضروري خواهشن کي ختم ڪرڻ طرف هجڻ گهرجي، اسان کي الله تعاليٰ ۽ محبت رسول (صه) سان سرشار ٿيڻ کانسواءِ پ??ڻ، پنهنجي خاندان، پاڙيسرين، انسانيت ۽ قوم سان گڏوگڏ ٻين قومن ۽ سموري جاندار ۽ غيرجاندار مخلوق سان نفرت کانسواءِ محبت جي مذهبي ۽ اسلامي قدرن تي ٻڌل خوشگوار زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان پنهنجي روين ۾ بامعنيٰ تبديليون آڻي معاشي ۽ م??لي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا ۽ خوشگوار زندگي جو مضبوط بنياد رکي سگهون ٿا. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ اسان ٻوڏ کان متاٿر علائقن ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ ٻوڏ سٽيلن جي بح??لي جي مرحلي ۾د اخل ٿي رهيا آهيون. صد?? چيو ته اسان کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ امڪاني تبديلين موجب پاڻ کي انهن موجب بڻائڻ ۽ هڪ مضبوط معاشرو بڻائڻ جي ضرورت آهي جيڪو ماحول ۾ ٿيندڙ تبديلين کي اختيار ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري قدرتي آفتن سان ڪاميابي سان نڪرڻ جي قابل هجي. صد?? چيو ته بحرانن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ جا مختلف مرحلا هوندا آهن جن جي شروعات اڳ ۾ مسئلي کي سڃاڻڻ، هڪ بيس لائين ٺاهڻ، ماضي جي تجربن تي غور ڪرڻ ۽ ملڪ جي اندر ۽ سڄي دنيا ۾ سٺن طريقن کي بينچ مارڪ ڪرڻ سان ٿئي ٿو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي هدفن، اهم ڪارردگي جي اشارن ۽ هڪ ٽائيم لائين جو تعين ڪري پنهنجي ذهن ۽ وسيلن کي مقرر هدف ۾ لڳائڻ گهرجي. صد?? چيو ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گلوبل وارمنگ کي محدود ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي رويي ۾ تبديلي ۽ ٽائيم لائين جي لاءِ مڪمل عزم جي ضرورت آهي جيڪو في الحال دنيا ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. صد?? چيو ته دنيا وڌيڪ پيداوار وارن ٻجن، پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي انتهائي موثر ٽيڪنيڪ، مائيڪرو نيوٽرينٽس فراهم ڪرڻ جي لاءِ مصنوعتي ذهانت جي استعمال جي ذريعي خوراڪ جي فراهمي جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن سان پ??ڪس??ان ۾ به وڏي مقدار ۾ خوراڪ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ان سان بک تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صد?? چيو ته پ??ڪس??ان ڪورونا جي وبا دوران بار بار هٿ ڌوئڻ، سماجي دوري ۽ ٻيون پابنديون ڪرڻ جا پيغام ڏئي علائقائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ۽ سائنسي انداز ۾ وبائي مرض تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهيا. هن چيو ته وبائي مرض مستقبل ۾ ڪثرت سان پکڙجڻ وارا آهن.