اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيدا??ي جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪيه جي دوري تي روانگي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته آئُون ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چ??و ته پاڪ بحريه جي لاءِ ٽئين ملجم ڪارويٽ جهاز جو افتتاح ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دفاعي لاڳاپن جو مظهر آهي. وزيراعظم چ??و ته ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??عليٰ سطح جا رابطا اسان جي حصيدا??ي جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ترڪ عوام جي گرمجوشي جو ذڪر ڪندي چ??و ته ترڪيه ۾ هجڻ ائين آهي جيئن اسان پنهنجي گهر ۾ هُجُون. وزيراعظم چ??و ته صدر اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه سان پاڪستان سان لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيدا??ي جي نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??مورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.