شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر 2022ع تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم ڪيترين ئي اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ليڊرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جڏهن ته پنهنجي هم منصبن سان ۽ عالمي ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمي??تي تبديلي واري وزير شيري رحمان، وزيراعظم جا خاص معاونين سيد فهد حسين ۽ سيد طارق فاطمي پڻ شامل هئا. ماحولي??تي تبديلين بابت سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم نار??ي جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي ??ول ميز ڪانفرنس جي ??ڏي?? صدارت ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ پنهنجي ميزباني ۾ منعقد مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ پڻ شرڪت ڪئي. هو ماحوليات بابت ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ ماحولي??تي خطرن جي حوالي سان عالمي ڍال“ جي موضوع تي هڪ اعليٰ سطح جي بريڪ فاسٽ تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن جي جرمني جي ??انسلر ۽ گهانا جي صدر ??ڏي?? ميزباني ڪئي. وزيراعظم سمٽ ۾ قومي بيان پڻ ڏنو. وزيراعظم پنهنجي ??الهه ٻولهه ۾ پاڪستان جيڪو ماحولي??تي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ خاص طور تي تازي موسمي??تي ٻوڏ تي ڌيان ڇڪرائيندي قومي موقف مضبوطي سان پيش ڪيو ۽ عالمي اڳواڻن کي ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي پائيدار انداز ۾ نئين سر تعمير جي ??وششن ۾ تعاون جي دعوت ڏني. ماحولي??تي ڪنوينشن جي جوڙيل اصولن جي رهنمائي ۾ فوري طور تي ماحولي??تي قدمن جي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته ماحولي??تي ڪانفرنس جا ٺوس نتيجا نڪرڻ گهرجن ۽ موسمي??تي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا وڃن. ڪانفرنس جي حوالي سان پاڪستان جي ترجيحن تي روشني وجهندي وزيراعظم اسرندڙ ملڪن ۾ موافقت رکندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار ۽ متوقع مالي وسيلن جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن موسميات سان پيدا ٿيندڙ نقصانن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي سهولت تي زور ڏنو ۽ ڪوپ ايجنڊا تحت نقصانن ۽ زيان جي روڪٿام جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي معاهدي جي آجيان ڪئي جيڪو هڪ اهم مقصد آهي جنهن تي پاڪستان گروپ 77 جي ??يئرمين طور عمل ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان رسمي ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ سعودي عرب ولي عهد ۽ وزيراعظم، جرمن چانسلر، مصري صدر ۽ نار??ي جا وزيراعظم شامل هئا. انهن ملاقاتن دوران ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ??ڏي?? دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ماحولي??تي تبديلي جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۾ ??ڏي?? پريس ڪانفرنس ڪئي. ڪوپ – 27 جي باقاعده سرگرمي 18 نومبر 2022ع تائين جاري رهندي. گروپ 77 جي صدارت ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان موسمي??تي تبديلي بشمول ماحولي??تي فنانس، موافقت، خاتمي ۽ صلاحيت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسرندڙ ملڪن جي قيادت ڪري رهيو آهي.