اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 28 آڪٽوبر تي ڊيره اسماعيل خان ۾ حملي ۾ شهيد ??يندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد اسرار ۽ نائيڪ ساجد حسين جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن قوم خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته وطن جي تحفظ ل??ءِ ق??با??ي تي قوم پنهنجي شهيدن جي احسانمند رهندي. صدر شهيدن جي خد??تن تي سلام پيش ڪيو ۽ درجن جي بلندي ل??ءِ دعا ڪئي. صدر گهرڀاتين سان همدردي ۽ پونئيرن جي ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.