??حب?? پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي ??حب??پور ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ??ائم ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ??زيراعظم شهباز شريف ٽينٽ اسڪول ۾ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ته هن علائقي ۾ ماڊل اسڪول جو قيام ٻن مهينن ۾ عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم ٻارن کي چيو ته هو ٻن مهينن کانپوءِ اختر مينگل ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو س??ن گڏ نئين اسڪول ۾ ايندو ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي ??ارن سان خصوصي شفقت ۽ والهاڻي محبت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم ان موقعي تي ??وڏ متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. ان موقعي تي ??زيراعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري ??حب?? پور ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.