اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??نگين صورتحال تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي جتي ڀارتي قابض فوج هڪ 23 سالا انجنيئرنگ جي ??اگرد سميت وڌيڪ 6 ڪشميري نوجوانن کي بارهمولا ۽ شوپيان جي ??لائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي افيس جي ??رجمان عاصم افتخار احمد پريس بريفنگ ۾ ناليواري ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي سندس پهرين ورسيءَ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪن??ي چيو آهي ته هو همت، حوصلي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري عوام جي ??ليراڻي ج??وج??د جو چهرو هو، جنهن جو حق کيس گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قر??ردادن ذريعي ڏنو ويو آهي. سيد علي گيلاني کي ج??وج??د ۾ مصروف هم وطنن ”باباءِ حريت“ جو نالو ڏنو آهي، هن گذريل سال پهرين سيپٽمبر تي ڊگهي غيرقانوني ڀارتي حراست ۾ پنهنجا آخري ساهه کنيا. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو ته اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي ناظم الامور ??ي خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ سيد علي گيلاني کي ان جي وصيت ۽ ان جي گهرڀاتين جي ??واهش موجب تدفين جي ??ق کان محروم ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل بي حسي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ڀارتي ناظم الامور کي ڀارتي حڪومت جي مسلسل هٺ ڌرمي تي پاڪستان گهري افسوس جو اظهار ڪيو جنهن سيد علي گيلاني جي مڙهه کي ان جي وصيت موجب شهيدن جي قبرستان ۾ باوقار تدفين کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ترجمان چيو ته وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪشميرين کي سرينگر جي ??يدر پوره جي قبرستان ۾ ان اقابل احترام اڳواڻ ??ي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي ??ه اجازت ناهي ڏني جتي ان کي گذريل سال انتهائي جلدي ۾ سندس گهرڀاتين ۽ ان جي چاهيندڙن جي ??يرموجودگي ۾ دفن ڪيو هو. ترجمان ان يقين جو اظهار ڪيو ته ڀارتي ڏاڍ، بي حسي ۽ اخلاقيات جي ناقابل يقين حد تائين غيرموجودگي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي مزاحمت جي ??ذبي ۽ سيد علي گيلاني جهڙي صاحب بصيرت اڳواڻ جي لاءِ عوام جي ياد کي گهٽ نه ٿي ڪري سگهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو ته سيد علي گيلاني جي ميراث ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني ڀارتي قبضي ??ي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جي مشن کي اڳتي وڌائڻ وارن کي تحرڪ ڏيندي رهندي.