اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جو هڪ طرفو قدم غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آهي، عالمي برادري ڪشميرين جي حقن لاءِ خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير ??ڪرار جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ ”استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي حڪومت جو 5 آگسٽ 2019ع جو ڪشمير ??ي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو هڪطرفو غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آهي، ڪشمير ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته هن مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڪشمير ??ي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن ۽ ڀارت جهڙي طرح ڪ??ميرين جي آزادي ۽ خودمختياري کي سلب ڪري ۽ ان جو استحصال ڪيو آهي ان جي جيتري مذمت ڪ??ي وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج ڪشمير ??ي گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي انگ ۾ ڪشميري گم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير ??ابت خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب انهن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سدائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ آخري دم تائين ڏيندا رهنداسين. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ڪشميرين جي انساني حقن ۽ انهن جي شخصي آزادي، احساسن ۽ جذبن جو خيال ڪري ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڪشمير ??ي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي غيرآئيني قدم کي واپس ??ٺي. هن چيو ته ڪشمير ??ي آزادي جي تحريڪ ڪمزور ٿيڻ واري نه آهي ۽ ان جي آزادي جي تڙپ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو.