اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير اعظم شهباز شريف اڱاري تي آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي ايوي ايشن جي گم ٿيڻ واري هيلي ڪاپٽر ب??بت تازي معلومات حاصل ڪئي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ب??بت وزيراعظم 12 ڪور جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت آرمي جي 6 ??في??رن ۽ جوانن جي سلامتي ب??بت پنهنجي ڳڻتي ۽ فڪر جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيشنل ۽ نهايت سٺو ماڻهو آهي. دعا آھي ته هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سڀ ماڻهو محفوظ هجن. وزيراعظم قوم کي اپيل ڪئي ته وطن جي ان بهادر پٽن جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. سڄي قوم ان حادثي تي ڏک ۾ آهي. وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ وارا اهي فرض شناس ??ُٽ خدمت جي اعليٰ مثال بڻجي سامهون آيا آهن. اهو آهي پنهنجي ڀائرن ڀينرن، ٻارن جي خدمت جو اهو ع??يم جذبو جيڪو پاڪستان جي حقيقي طاقت آهي. آرمي چيف گذريل رات کان جاري ڳولا جي ڪارروائين ب??بت وزيراعظم کي آگاھ ڪيو.